علڻ فقير

علڻ فقير

علڻ فقير

علڻ فقير: سنڌ جو لوڪ فنڪار علڻ فقير 1932ع ڌاري مانجهند ضلعي دادوءَ (هاڻوڪي ڄام شوري) ۾ پيدا ٿيو. هو مڱڻهار قبيلي سان واسطو رکندڙ فقير هو، سندس والد ڌمالي فقير ۽ ڏاڏو ٽؤنر به پنهنجي وقت جا مڃيل فنڪار هئا. ڌمالي فقير شهنائي جو ماهر ۽ ٽؤنر شهنائي توڙي واڄو ڪرڻ جو ماهر هو. علڻ جو اصل نالو دائم علي فقير هو، پر شهرت علڻ سان مليس. هو ابتدا ۾ پنهنجي خاندان جي وڏن سان شادين مرادين ۽ ميلن ملاکڙن ۾ واڄو ڪندو هو ۽ شرنائي وڄائيندو هو. علڻ فقير پهريون ڀيرو 1962ع ۾ مارئيءَ جي ميلي ۾ سُر مارئيءَ جا بيت ڳائي پنهنجي فن جي شروعات ڪئي. ان کان پوءِ ڀٽ شاهه جي ميلي تي سر سامونڊيءَ مان وائي ڳائي هڪ نئين روايت وڌائين، جيڪا اڳتي هلي سندس سڃاڻپ بڻجي وئي. علڻ فقير کي اسٽيج تي متعارف نامياري اديب، شاهه جي پارکو ۽ ناليواري ڪمپيئر ممتاز مرزا ڪرايو. علڻ فقير سنڌ جي سمورن اوليائن جي عرسن تي ڳائڻ ويندو هو. هن کي شاهه جو ڪلام حفظ هو. ڪيترائي بيت جيڪي شاهه جي مزار تي ڳايا ويندا آهن ۽ رسالن ۾ ناهن. علڻ کي اهي به درست تلفظ سان ياد هوندا هئا. ريڊيو پاڪستان تي وڏي ڏکيائي سان هن کي موقعو مليو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ وقت ۾ فقط ناليوارا وڏا گلوڪار ريڊيو تي پرفارم ڪندا هئا. ريڊيو تي رڪارڊنگ ڪو نه هلندي هئي، سڌي سنئين نشريات هلندي هئي، انهيءَ ڪري کيس موقعو ملڻ ڏکيو هو، تمام گهڻي ڪوشش ۽ ڪيترن ورهين بعد هن کي ريڊيو پاڪستان تي ڪلام ڳائڻ جو موقعو مليو ۽ هو ڪامياب ٿي ويو. ثقافت کاتي پاران ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، حميد آخوند، ممتاز مرزا ۽ ظفر ڪاظمي علڻ فقير کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ڏنو. هو شاهه لطيف، سچل ۽ قلندر جي ميلي تي شاهه جو ڪلام ڳائيندو هو. هو 60 واري ڏهاڪي ۾ اڃا پوريءَ طرح اڀري ڪو نه سگهيو هو پر تنهن هوندي به هن کي شاهه لطيف جي وائيءَ جي ڪري اهميت ملڻ لڳي. پي. ٽي. وي جي ابتدائي ڏينهن ۾ هن سنڌي موسيقيءَ جا پروگرام ڪيا.
علڻ فقير کي پذيرائي شيخ اياز جي ڪلام ‘ٽڙي پوندا ٽاريئين، جڏهن ڳاڙها گل’ ڳائڻ سان ملي. هن سان گڏ زرينا بلوچ به اهو ڪلام ڳايو. هن ڪلام کي تمام گهڻي مقبوليت ملي، علڻ کي پي. ٽي. وي تي 1987ع ۾ ساحره ڪاظميءَ متعارف ڪرايو. هن پنهنجي پروگرام ۾ محمد علي شهڪي سان سنڌي اردو گڏائي گيت ٺاهيو ‘تيري عشق ۾ جو ڀي ڊوب گيا’، جيڪو ايترو مقبول ٿيو، جو کيس اوارڊ مليو. علڻ فقير کي پي. ٽي. وي اوارڊ، شاهه لطيف اوارڊ، قلندر اوارڊ ۽ صدارتي اوارڊ مليا. هن آمريڪا، جپان، هالينڊ، برطانيه ۽ دبئيءَ سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. کيس فني خدمتن عيوض سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اعزازي نوڪري به ڏني وئي هئي، انهيءَ ڪري ڄام شوري ۾ رهائش به يونيورسٽيءَ جي ڪالوني ۾ مليس. علڻ فقير 1998ع کان پوءِ بيمار رهڻ لڳو، ڪيترائي ڀيرا اسپتال داخل ٿيو، ۽ 4 جولاءِ 2000ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين. سندس تدفين ڄام شوري ۾ سندس گهر جي اڱڻ ۾ ڪئي وئي. هن وقت سندس پٽ فهيم علڻ فقير سندس انداز ۾ ڳائي داد حاصل ڪري رهيو آهي.


لفظ علڻ فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو